جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد غيرفطري آهي، اهي دلي طور هڪٻئي سان گڏ نه آهن: اعجاز جکراڻي
سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي احتساب عدالت ۾ پ پ اڳواڻ ايم اين اي اعجاز جکراڻي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ پيش ٿيو، ڌرين جي وڪيلن جي دليل ٻڌڻ بعد احتساب عدالت جي جج سيد ناصر الدين شاهه ريفرنس جي ٻڌڻي 08 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،
نيب ريفرنس ۾ نامزد اعجاز حسين جکراڻي سميت 17 ٻيا جوابدار پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، احتساب ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کانپوءِ اعجاز جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد غيرفطري آهي، اهي دلي طور هڪٻئي سان گڏ نه آهن، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ۾ هڪ جهڙن مفادن تان ٽڪراءُ ٿيندو، مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي جنهن ڪري سندس هر جاءِ تي عزت ڪئي ويندي آهي،
مولانا فضل الرحمان جي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سان ويجهڙائي رهي آهي، توقع ڪجي ٿي ته مولانا فضل الرحمان ۽ جي يو آءِ جي ٻين سينيئر اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ جي حوالي سان سمجهه اچي ويندي، مولانا فضل الرحمان هڪ طرف اليڪشن ۾ مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي ڳالھه ڪري ٿو ته وري ٻي طرف خيبرپختونخواه ۾ جي يو آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪندڙن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته وفاق ۾ جڏهن پ پ جي حڪومت هئي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 110 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ايتري رڪارڊ واڌ ٻي ڪنهن به حڪومت ناهي ڪئي،
سنڌ صوبي ۾ پ پ جي اقتدار دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي، ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو جو سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ مزدورن، پورهيتن، هارين، آبادگارن ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ کان پوئتي رهجي وئي هجي،
پيپلزپارٽي سنڌ صوبي جي عوام جي خدمت ڪندي رهي آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ پڻ سنڌ حڪومت عوام دوست ڀرپور رليف واري بجيٽ پيش ڪندي، هن چيو ته وفاق ۾ پ پ حڪومت ۾ شامل نه آهي، پر پ پ قيادت ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل پ پ جي چونڊيل نمائندن جي ڪوشش هوندي ته وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏياريو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو بجيٽ سيشن ۾ عوامي اشوز تي پارٽي جو موقف سامهون رکندا، هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل سبب هارين ۽ آبادگارن جي معاشي حالت خراب آهي، ڪوشش هوندي ته آبادگارن ۽ هارين کي بجيٽ وڌ کان وڌ رليف ڏياريو وڃي،
سنڌ صوبي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ حڪومت ڪم رهي آهي، سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، جڏهن ته نصرﷲ گڏاڻي جي قتل جي جاچ جاري آهي، الزامن جي بنياد تي ڪنهن کي جوابدار نه ٿو ٺهرائي سگهجي، ٻٻرلوءِ ۾ حيدر مستوئي تي حملي ڪندڙ قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا،
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سڀ کان پهريان سنڌ صوبي ۾ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل پاس ڪرائي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو آهي، پيپلزپارٽي قيادت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو پڻ صحافين جي حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ ٻين الاقوامي سطح تي آواز اٿاريو.
مَي 30, 2024