دادو: زيبا وگھيو وڪيل 22/AB جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) بٺ محلا ۾ دادو بار جي ميمبر ليڊي ايڊووڪيٽ ميڊم زيبا وگھيو جي گھر تي هلان ڪري هٿيار بند عورتن سميت داخل ٿي عورت وڪيل زيبا وگھيو وگهيو جو حمل ضايع ڪرڻ لاءِ کيس مارڪٽ سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون سخت گارگند ڪري مڙس تي داخل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مٿس پسٽل تاڻي کيس ڌمڪايو ويو،

 اهڙي عمل خلاف عورت وڪيل اي سيڪشن ٿاڻي تي  ايف آئي آر داخل ڪرڻ لاءِ پهتي سندس ايس ايڇ او بينظير جمالي اين سي داخل ڪري پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، عورت وڪيل زيبا وگھيو وڪيل محبوب اوڍاڻو جي معرفت 22/AB جي درخواست فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجي شادي 5 مھينا اڳ جوهي جي رهواسي جي ايس ٽي ماسٽر خالد ڏاهري سان ٿي ھئي جنھن مان مونکي حمل ٿيو، مڙس مائٽن جي دٻاءُ ۾اچي مونکي طلاق ڏني جيڪا غير شرعي آهي ڪيس فيملي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ان ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ منهنجي مڙس خالد ڏاهري جي ڌيءَ پروين،

  2 ڀينرون زرينه، زاھدہ، پٽ ماجد، عبدالفتاح، عبدالحميد ڏاهري مردن وٽ پسٽل هئا سڀئي گهر ۾ گهڙي منهنجو حمل ضايع ڪرڻ لاءِ گهر ڀاتين تي پسٽل تاڻي عورتون مونکي مارڪٽ ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مارڻ جون ڌمڪيون گارگند ڪندا فرار ٿي ويا، عدالت 31 مئي تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي،

مَي 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو