سڪرنڊ: شهيد نصرالله گڏاڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب پاران سرخ سلام پيش ڪيو ويو
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ جي بهادر ۽ بيباڪ صحافي شهيد نصرالله گڏاڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڪرنڊ پريس ڪلب پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سندس تصوير تي گل نڇاور ڪري ۽ ميڻ بتيون ٻاري سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مير محمد ڪيريو،
جوائنٽ سيڪريٽري راجڪمار اوڏ، اڳوڻي صدر مسعود عمراڻي ۽ سينيئر نائب صدر گل محمد لغاري، سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اليڪشن چيئرمين عبدالصمد گبول، عبدالحميد آرائين، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفٰى مگسي، ايس ٽي پي جي سليم مگسي، شبير احمد راجپوت، جسم جي منور عمراڻي، مشتاق لغاري ۽ خير محمد لاکو الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته سچ هميشه سوليءَ تي لٽڪايو ويو آهي.
جنهن به حق ۽ سچ جو نعرو هنيو آهي ۽ ھن ڀوتارڪي سسٽم خلاف للڪار ڪئي آهي، ان کي شهيد ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته صحافين کي به ان سچ ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف ڳالهائڻ جي پاداش ۾ قتل ڪيو ويندو رهيو آهي.
صحافي عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي، نصرالله گڏاڻي به ان سسٽم هٿان شهيد ڪيا ويا. هنن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻيءَ کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ دشمنن سان اکيون اکين سان ملائي سچ چوڻ جي بدولت شهادت ماڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هو انهن دلير صحافين مان هو جيڪي سر ڪپائي ڄاڻن ٿا پر جهڪائڻ ناهن سکيا. هنن مطالبو ڪندي چيو ته شهيد جي قاتلن ۽ سهولتڪار ڀوتارن گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.
ڀيٽا تقريب ۾ منير غزالي، محمد ايوب ملاح، عبدالقادر گبول، خالد سولنگي، ذيشان سومرو، منصور لغاري، رمضان مگسي، اشفاق لغاري، مير جلباڻي سميت سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.
مَي 29, 2024