دادو: سيٺ عبدالمجيد ميمڻ ھن فاني دنيا مان رضا الاهي سان انتقال ڪري ويو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  دادو يوسي 2 جو اڳوڻو ناظم ميمڻ برادري دادو جو اڳواڻ مشھور سماجي شخصيت سيٺ عبدالمجيد ميمڻ ھن فاني دنيا مان رضا الاهي سان انتقال ڪري ويو،

 مرحوم نوابشاھ جي مشھور ڊاڪٽر عبدالقيوم ميمڻ ۽ ھائوس بلڊنگ اٿارٽي نوشھرو فيروز جي انجنيئر عبدالعليم ميمڻ جو وڏو ڀاءُ ۽ لا ڪاليج دادو جي پرنسپال شفيع محمد ميمڻ جو ڀاڻج ھئو،

 سندس جنازي نماز ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي شخصيتن شرڪت ڪئي کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تڏو پراڻي سبزي منڊي لڳ وڇايو ويو آهي سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

مَي 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو