ڏوڪري: گذريل رات دل جي دوري پوڻ سبب پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي فوت ٿي ويو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري گذريل رات دل جي دوري پوڻ سبب پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي فوت ٿي ويو، جنازي نماز جتوئي هائوس محراب پور ۾ ادا ڪئي وئي. اڳوڻو ايم پي اي جي جنازي نماز درگاھ ٽنڊو سائينداد جي پير عبدالوحید جان سرهندي پڙهائي.
جنازي نماز ۾ پ پ ايم اين اي نظير ٻگهيو، پ پ اڳواڻ طارق سيال،پ پ اڳواڻ علي ڏنو گاڏهي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم ايم پي اي جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان سندس ڳوٺ محراب پور جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سوڳوارن ۾ اڳوڻي ايم پي اي جو ڀاءُ (ر) ڪرنل نظير احمد جتوئي، ۽ سندس جا 2 پٽ جليل احمد، متين احمد شامل آهن،
جن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان فوتي اڳوڻي پ پ ايم پي اي جي وارثن ٻڌايو تہ گذريل رات 1 وڳي اڳوڻي ايم پي اي عزيز احمد جتوئي جي اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي جنهن کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال لاڙڪاڻو کڻائي وياسين جتي ڊاڪٽرن پاران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
واضع رهي تہ مرحوم اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي ڏوڪري واري تڪ پي ايس 41 تي ٽي ڀيرا ايم پي اي چونڊيو هو. جڏهن تہ اڳوڻو صدر مشرف جي ڪاري دور ۾ بہ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو هو.
مَي 29, 2024