28 مئي جو ڏينهن پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو: پاڪ فوج

Spread the love

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج يوم تڪبير جي 26هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، هي اهم ڏينهن 1998 ۾ پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو. هن ڏينهن ڪاميابي سان ڊيٽرنس قائم ڪئي وئي ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، ڏکيائين باوجود شاندار ڪارنامي ۾ پنهنجو حصو وجهندڙن کي هٿياربند فوج ڀيٽا پيش ڪري ٿي، هٿياربند فوج ۽ قوم ۽ انهن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چيو ته خواب جي ساڀيان لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪندڙ سائنسدان ۽ انجنيئرز واکاڻ جوڳا آهن.
پاڪ فوج علائقائي سلامتي جي تحفظ، ملڪي سلامتي کي هر قيمت تي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مَي 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو