دادو لڳ مزن خان چانڊيو پاران زمين تي قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ڀرسان ڳوٺ محب علي جوڻيجو جي رهواسي مزن خان چانڊيو نٽهڻ اۡس ۾ زمين تي قبضي خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،
ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ دانهيو ته والد جي ڏيڍ ايڪڙ زرعي زمين تي بااثرن هڪ سال کان قبضو ڪيو آهي،مختيارڪار دادو به منهنجي حق ۾ فيصلو ڪيو آهي،رات دير سان جوابدارن منهنجي گهر مٿان فائرنگ ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
هنن چيو ته نثار،نواب،گل شير،اظهار،افتخار چانڊيو ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي اسان غريب آهيون،هر روز گهر تي ڪاھ ڪري نياڻين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جوابدارن سان پيارو ۽ سيتا پوليس مڪمل ساٿاري بڻيل آهي،
پيارو ۽ سيتا پوليس مون کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته زمين جا ڪاغذ نثار ۽ نواب وارن کي ڏئي نه ته تنهنجي خلاف ڪيس داخل ڪنداسين، هو ايڏا بااثر آهن جو سندس خلاف ڪير به آواز اٿارڻ لاء تيار نه آهي،آء غريب آهيان مون کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار پيارو،سيتاء پوليس ۽ زمين تي قبضو ڪندڙ هوندا،اڄ به ڳوٺ کان لڪي هتي پهتو آهيان،والد جي ڏيڍ ايڪڙ زمين تي هن مهل به انهن جو قبضو آهي،
سوشل ميديا تي زمين بابت ڪوڙيون پوسٽون رکي رهيا آهن ته زمين اسان جي آهي،مظاهرو ڪندڙ آء جي سنڌ،ايس ايس پي دادو،ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور زمين تي قبضو ڪندڙ کي گرفتار ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ دادو ايس ايس پي جي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏيندسين جنهن جو ذميوار زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ حد جي پوليس هوندي.
مَي 27, 2024