ڪراچي: مهراڻ انجنيئرز فورم پاران نوجوانن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن تقريب منقعد
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) مهراڻ انجنيئرز فورم پاران ڪراچي ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن تقريب منقعد،
مهراڻ انجنيئرز فورم پاران ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن جو هڪ اثرائتو سلسلو جاري، جنهن ۾ 04 اهم موضوعن تي ڌيان ڏنو ويو: “پرڏيھ ۾ نوڪري جا موقعا، ڪاپي سسٽم جا نقصان، ڪمپيوٽر سائنس جي اھميت ۽ آن لائين ڪمائڻ جا ذريعا”
سيشن تقريب کي انجنيئر ايڊووڪيٽ اياز لطيف پليجو، انجنيئر در محمد سومرو، سيد حيدر علي شاهه، شاڪر منگي، انجنيئر پرھ ڀٽي، عمير شاهد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته “نوجوانن جي سهڪار جي اهميت” تي زور ڀريندي چيو ته نوجوانن جي سهائتا لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جي اڏاوت ۾ اهم ڪردار جي ضرورت آھي،
گڏيل تعليمي وسيلن، مشاورتي پروگرامن ۽ ڪميونٽي سپورٽ سسٽم سان نوجوانن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. انهن جي صلاحيت کي محسوس ڪرڻ ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
دنيا ڀرپور موقعن سان ڀريل آھي، سنڌ جي نوجوانن کي ان تحت پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. ڪمپيوٽر سائنس جي اھميت بابت ڳالهائيندي چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ آن لائن آمدني تي نوجوان ڪورس ڪري پنھنجن پيرن تي بيھي سگھن ٿا.
مهراڻ انجنيئرز فورم جي باني انجنيئر ذوالفقار حامد منگي چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ علمي ڄاڻ جي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ اهڙن پروگرامن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نوجوانن کي پنهنجي ڪيريئر جي رستي کي موثر انداز سان هلائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ مسلسل سهڪار ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي ۽ پنهنجي اختتامي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته اڄ جو سيشن ڪراچي جي نوجوانن لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آھي.
شرڪت ڪندڙن پاران ڏيکاريل جوش حقيقت ۾ اسان جي ڪميونٽي ۾ موجود صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو. سيشن تقريب ۾ مهراڻ انجنيئرز فورم طرفان آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائي مان پڻ بخشيو جڏھن ته ان موقعي تي سي اي او ميمبرز انجنيئر ثناءُ الله سومرو، انجنيئر جهانگير شھزاد ميمڻ سان گڏوگڏ دودو خان ميراڻي، انجنيئر عبدالقادر سني ڀيو، انجنیئر سیف اللہ ناریجو، انجنيئر جواد پيرذاده، انجنيئر اياز ملڪ، انجنيئر رحمان شاھ، انجنيئر قاضي منير، انجنيئر عبدالقدوس شيخ، انجنيئر صدام حسين ٻرڙو، ايم-اي-ايف ۽ سوشل ايڪٽوسٽ انجنيئر امتياز حسين لغاري ۽ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ انجنيئر پرھ سيد سميت وڏي انگ ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ شريڪ ٿيون.
مَي 27, 2024