ڏوڪري ۾ گرمي پد 52 سينٽي گريڊ تي پھچڻ بعد شھر مان برف غائب، شھري عذاب ۾ مبتلا

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ گرمي پد 52 سينٽي گريڊ تي پھچڻ بعد شھر مان برف غائب ٿيڻ ڪري شھري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا. برف ڪارخاني مالڪن ٻيڻو اگھ ملڻ تي ٻين شھرن ۾ برف وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف. اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري طرفان برف جي قلت ۽ مھانگي اگھ تي وڪرو ڪرڻ خلاف نوٽيس، ڪارخانن تي ڇاپا ھڻي کين وارننگ ڏيندي برف مھيا ڪرڻ جي ھدايت.

تفصيل موجب ڏوڪري ۾ گرمي پد 52 سينٽي گريڊ تي پھچڻ بعد شھر مان برف غائب ٿيڻ ڪري شھري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا، شھر ۾ قائم 10 کان وڌيڪ برف جي ڪارخانن جي مالڪن 500 مان اگھ وڌائي 800 روپيا ڪري ڇڏيو،

جڏھن ته لاڙڪاڻو، باڊھ، نصيرآباد، قمبر، شھدادڪوٽ، وارھ سميت ٻين شھرن ۾ برف جي ڪين جو ٻيڻو اگھ 1000 ملڻ تي ٻين شھرن ۾ برف وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جنھن دوران برف جي ڪارخانن تان صبح سويل ۽ رات جي وقت ۾ مزدائون ۽ لوڊر برف سان ڀري روانا ڪيا پيا وڃن.

 ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانا ميراڻي طرفان ڏوڪري تعلقي ۾ برف جي قلت ۽ مھانگي اگھ تي وڪرو ڪرڻ خلاف نوٽيس وٺندي برف جي ڪارخانن تي ڇاپا ھڻي سندن رڪارڊ چيڪ ڪيو کين وارننگ ڏيندي سرڪاري اگھ تي برف مھيا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.

 ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانا ميراڻي چيو ته گرمي جي موسم ايندي ئي برف جي ڪارخاني مالڪن ھٿرادو نموني اگھ وڌائڻ ۽ برف جي کوٽ جي شڪايت ملڻ تي ڪارروائي ڪئي آھي. ھن چيو ته ڪارخاني مالڪ پھرين شھر ۾ برف جي فراهمي يقيني بڻائن ۽ سرڪاري اگھ تي برف فراھم ڪرڻ جا پابند آھن، جيڪڏھن عوام کي ڪابه تڪليف پھتي ته سخت ڪارروائي ڪري ڪارخانا سيل ڪيا ويندا.

مَي 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو