دادو لڳ پير ترھو واسين  پاران زرعي زمين تي قبضي خلاف  احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ ڳوٺ پير ترھو جي رهواسين  زرعي زمين تي قبضي خلاف سخت گرمي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڦلجي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي،

ان موقعي تي مظاهرين ارشاد علي، خالد، عرفان چانڊيو صحافين آڏو دانهيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ايڪڙ زمين آهي جنهن تي هڪ سال کان ڳوٺ جي بااثرن محمد علي، اعظم، خادم، حبدار چانڊيو ۽ ٻين ڦلجي پوليس سان گڏجي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اسان مسڪين ڪافي ڀيرا ڦلجي ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ته ڦلجي پوليس گارگند ڪري ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،

هنن چيو ته ڦلجي اسٽيشن جو ايس ايڇ او سڌي ريت زمين تي قبضو ڪندڙن سان مليل آهي،بااثر هر روز موت مارڌمڪيون ڏين ٿا ڪجھ ڏينهن اڳ اسان مٿان حملو ڪري  زخمي ڪيو آهي، اسان جي گذر سفر جو واحد ذريعو زرعي زمين آهي،

اسان جو 2 ڀيرا تيار فصل وڪرو ڪري ڇڏيو آهي ، مظاهرين آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور زمين تان قبضو ختم ڪرائي زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ انهن جو ساٿ ڏيندڙن ڦلجي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

مَي 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو