ڏوڪري : نوجوان صحافي اطھر ميمڻ جو مامو بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي نوجوان صحافي اطھر ميمڻ جو مامو حاڪم علي ميمڻ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز بٺ مسجد ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس سوين آلين اکين جي ميان منگھن سرڪار جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 ٻئي طرف صحافي اطھر ميمڻ جي مامي جي وفات تي چيئرمين عبدالحميد جيسر، چيمبر اڳواڻ مظھر گلال، ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين اطھر سنديلو، زبير زرار منگي، راجا صدام ٻگھيو، قاضي فريد احمد، اصغر ميمڻ، قاضي نياز احمد، عرفان منگي، ڪاشف خاصخيلي، محمد شريف ميمڻ، عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين تڏي تي پھچي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو.

مَي 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو