ڏوڪري: شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
ڏوڪري (رپورٽر) شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قاضي فريد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري ۾ سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽ صحافي قاضي فريد، علي اصغر ميمڻ، قاضي نياز حسين، وحيد رمضان جوڻيجو، ياسر جروار، قاضي احسن علي، قاضي محمد امين، خالد هليو، حضور بخش ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو آهي.
ان موقعي تي صحافين جو چوڻ آهي ته ملڪ جو چوٿون ٿنڀو سڏجندڙ صحافت ملڪ ۾ محفوظ ناهي رهي آهي، ملڪ صحافين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد جان محمد مهر بهادر صحافي آهي شهيد جان محمد مهر جا قاتل 10 مهينا گذري وڃڻ باوجود به هن وقت تائين شهيد جان محمد مهر جي خون سان انصاف ناهي ٿيو نه ئي قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن.
هنن چيو ته حق سچ جو آواز بلند ڪندڙ شهيد نصرﷲ گڏاڻي کي سماج دشمن مظلوم عوام جو آواز بند ڪرڻ لاءِ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري شهيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.
مَي 25, 2024