ٽنڊوڄام:  صحافي نصر الله گڏاڻي جي بيرحماڻي قتل خلاف قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاج مظاهرو

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو)   ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي بيرحماڻي قتل خلاف ۽ شهيد صحافي جي خون سان انصاف لاءِ  ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاج مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،

انهي موقعي تي، واجد علي چانڊيو، عبدالستار ڳورڙ، فراز شيخ، شفقت قادري، منصف ٽالپر، اياز گاڏاهي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ صحافين لاء ڌرتي تنگ ٿيندي پئي وڃي، حق سچ لکندڙ صحافين کي گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي، سنڌ جا صحافي اڃان شهيد جان محمد مهر جي ڏک مان نه نڪري سگهيا آهن، ته ٻي پاسي وري صحافين کي هڪ دلير صحافي نصرالله گڏاڻي  جو لاش ڏنو ويو آهي،

آخر ڪيستائين سنڌ اهڙن نوجوان ۽ حق سچ لکندڙ ڪُونڌر قلم ڌڻين جا لاش کڻندي رهندي، سنڌ جي ڀوتارن ۽ سدن چاپلوسي ڪندڙ چمچن ۽ آفيسرن خلاف لکڻ تي صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڏوھ صرف اهو هو ته هن ڀوتارن ۽ سردارن جي چمچاگيري جو رستو ڇڏي حق سچ جي راھ ورتي ۽ انهي ڏوھ ۾ کيس فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو،

صحافتي تنظيمون صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويون آهن، شهيد جان محمد جا قاتل اڃان گرفتار ناهن ٿي سگهيا، سنڌ حڪومت توڙي سنڌ پوليس صحافين کي قتل ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ناهي آڻي سگهي

جنهن سبب هڪ ٻئي پٺيان صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي٠ DIG سکر پير محمد شاھ، ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا صحافي جي قتل جو نوٽس وٺي جوابدارن کي في الفور گرفتار ڪن ٻي صورت سڄي سنڌ جا صحافي وزيراعلیٰ هائوس اڳيان ڌرڻو لڳائي سخت احتجاج ڪندا.

مَي 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو