دادو لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سنڱابندي تڪرار  جي نتيجي ۾ نوجوان قتل

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ خدآباد پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ پارو جو کوھ ۾ چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين هلندڙ سنڱابندي جي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان قتل، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،

ڌرين ۾ هلندڙ سنڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن بندوقن ۽ پسٽل جا فائر ڪري 32 سالا شادي شده نوجوان شھزادو پٽ عبدالله عرف محرم چانڊيو کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري جوابدارن فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، فوتي جو لاش وارثن ۽ خداآباد پوليس کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي سئوٽ ڪاشف چانڊيو جو چوڻ هو ته 2020 ۾

جوابدارن بادل، مير، لائق ۽ 3 نامعلومن مقتول شهزادو جي ڀيڻ ناري ڪزبانو چانڊيو کي قتل ڪيو هو،جوابدارن کي خداآباد پوليس پاران گرفتار نہ ڪرڻ سبب ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا

ڪيترائي ڀيرا جوابدارن جي ملندڙ ڌمڪين بابت پوليس کي آگاهي ڏني پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو نه ورتو ۽ ٻيون خون ڪري ويا، هن چيو ته هاڻي اسان خدا آباد ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس کي باهيون ڏئي ساڙينداسين، اهڙن رشورت چور ادارن جي ڪهڙي ضرورت آهي جيڪي ڪم به نه ڪن ۽ ماڻهو به مارائڻ ٿا، مقتول جي چاچي بهاول ميڊيا کي ٻڌايو ته خداآباد پوليس جوابدارن سان مليل آهي،

 ڀائٽي ڪزبانو کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪيو نتيجي ۾ اڄ ٻيهر هٿياربندن فائرنگ ڪري ڀائٽي شهزادو کي قتل ڪيو آھي ،  مقتولا ڪزبانو جي قتل ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي جوابدار مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا بار بار پوليس کي اطلاع باوجود پوليس کين گرفتار نه ڪيو .

مَي 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو