فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت هلندڙ آهي جنهن عالمي قوتون خاموش آهن: امير مولانا عبدالرحمان رضوي

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) فلسطين ۾ ھلندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين اسرائيل طرفان انساني حقن جي لتاڙ جي انتها ڪئي وئي آهي فلسطين ۾ معصوم ٻارڙن کي به شھيد ڪيو پيو وڃي

 جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي اهڙن خيالن جو اظھار تحريڪ لبيڪ پاڪستان سکر ڊويزن جي امير مولانا عبدالرحمان رضوي ,مولانا محمد موسي ٻرڙو, غازي غلام عمر رضوي , غلام حسين ڪلوڙ , ائڊووڪيٽ سانول خان چاچڙ , مولانا محمد علي گبول ، احسان علي نائچ ۽ ٻين سان گڏجي گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن جي دوري کانپوء اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو

هنن چيو ته تحريڪ لبيڪ هميشه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ھميشه ڪندا رهندا سين هنن چيو ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت هلندڙ آهي جنهن عالمي قوتون خاموش آهن هنن چيو ته يهودي قوتن هميشه مسلمانن خلاف سازشون ڪنديون رهن ٿيون اسرائيل جي جارحيت سبب فلسطين جا معصوم ٻارڙا به غير محفوظ بڻيل آهن فلسطين جا مسلمان اسرائيلي ڏاڍ جو شڪار بڻيل آهن

 جنهن خلاف پاڪستاني حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي هنن چيو ته تحريڪ لبيڪ هميشه ملڪ جي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين هنن چيو ته اسرائيل جي شين جو بائيڪاٽ جاري رکيو وڃي ان موقعي تي مشتاق احمد قادري , معشوق علي قادري , ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا جن فلسطيني عوام سان ٻڌي جو اظھار ڪيو ويو

مَي 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو