سکر : ڪنڌرا جي علائقي ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ پاران  دورا ، ڪارنر گڏجاڻيون

Spread the love

سکر  (رپورٽ:. امداد علي گل ڪلوڙ ) ڪنڌرا جي علائقي ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ جا طوفاني دورا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون تفصيل موجب اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم شائسته بلوچ جو صحافي جاويد علي اوڍاڻو وٽ آجياڻو ۽ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ۽ مهمانن کي مان ڏيندي صحافي جاويد علي اوڍاڻو چيو ته ميڊم اسانجي سکر جي سونهن آهي

 هرهنڌ ڏک سک ۾ گرمي هجي يا سردي هرهنڌ غريبن ۽ مظلومن سان ڪلهوڪلهي ۾ گڏ بيهي ڪري مسئلا هل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي هوڏانهن ڳوٺ درگاه پيرڪوڪو۾ پوليس آفيسر حبيب الله راڄپر  جي وفات تي سندس وارثن سان  تعزيت ڪئي ۽ ٺٽ ۾ اسڪول جو پڻ افتتاح ڪيو

ٻين مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻيون  ڪيون ان موقعي  تي شاهد حسين ڪٽپر صحافي ارشادعلي اوڍاڻو صحافي جاويدعلي اوڍاڻو سماجي اڳواڻ غلام شبير اوڍاڻو پرويزعلي سجادعلي اعجازعلي عاشق شھزورعلي اوڍاڻو   ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا

مَي 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو