سنجھورو : هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ سماجي تنظيم قطر چيرئٽي پاران ھڪ ھفتي لاءِ پاڻي جي جامع ڪيمپ لڳائي وئي
سنجھورو ( رپورٽ احمد حسن خاصخيلي ) سنجھورو ۾ گرمي جي شديد لهر سبب، هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ سماجي تنظيم قطر چيرئٽي پاران پريس ڪلب سنجھورو ٻاھران ھڪ ھفتي لا ٿڌي پاڻي جي جامع ڪيمپ لڳائي وئي،
شهرين ۽ مسافرن کي ٿڌو پاڻي پياريو ويو،پريس ڪلب سنجھورو سامهون لڳايل ٿڌي ۽ مٺي پاڻي جي ڪيمپ ۾ تمام شھرين عورتن ٻارڙن ايندڙ ويندڙ توڙي مسافر گاڏين کي روڪي ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پياريو ویو ڪيمپ جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر سنجھورو محمد يونس رند چيرمين ميونسپل ڪميٽي سنجھورو راڻا حاجي محمد انور راجپوت محمد اشرف مغل ڪيو
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ھنن چيو ته هن وقت سنجھورو شهر ۾ سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي ٿڌي پاڻي جي ڪيمپ قائم ڪئي آهي اسان کي هڪ ٻئي جو خيال ڪرڻ گهرجي. گرمي کان بچاءُ لاءِ احتياط ڪرڻ ضروري آهي،
اسان کي هلڪي رنگ جا ڪپڙا پائڻ گهرجن ۽ پاڻي گهڻي کان گهڻو استعمال ڪرڻ گهرجي ڪوشش ڪري بلا ضرورت گھر کان ٻاھر نه نڪرڻ گھرجي۔ ۽ قدرتي آفات، تيز برساتن، ٻوڏن ۽ طوفانن، ھيٽ اسٽروڪ ۾ به قطر چيرٽي پنھنجي عوام جي ھر ممڪن مدد ۾ مصروف رھي آھي.
مَي 23, 2024