سانگهڙ : پوليس ڪاررواين دوران ٻن منشيات فروشن کي گرفتار، شراب جون64 بوتلون هٿ
سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) صوبائي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ايڪسائيز پوليس سانگهڙ جو منشيات فروشن ۽ غير رجسٽرڊ ۽ ٽيڪس نه پياريندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون، ڪارواين دوران ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 64 بوتلون شراب جون هٿ ڪري ٻن جوابدارن عتيق ڀٽي عباس علي بروهي خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،
ان حوالي سان اي ٽي او سانگهڙ حق نواز رند صحافين کي ٻڌايو ته صوبائي وزير ايڪسائيز جي هدايتن تي غير رجسٽرڊ ۽ ٽيڪس نه پياريندڙ 25 گاڏيون بند ڪيون آهن، ٻن هفتن دوران پنج لک ٽيھ هزار ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي، 46 شراب جون بوتلون هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته روزه مره جي بنيادن تي روڊن تي چيڪنگ ڪئي ويندي آهي.
مَي 23, 2024