ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرﷲ گڏاڻي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ صحافي سراپا احتجاج بڻيل

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو)سانگهڙ ۾ ميرپور ماٿيلي جي بهادر صحافي نصرﷲ گڏاڻي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل، ميرپور چوڪ کان ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب  آڏو صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو،

 ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي نيشنل پريس ڪلب جي صدر غلام مصطفي ترين، سينئر صحافي الياس انجم، اي ڊي ڪنڀر، محمد علي شر، نادر بڙدي، اشفاق سلهري ، ظاهر شاه، محمد قذافي، وقاص رحماني، ۽ ٻين چيو ته 5 ڏينهن اڳ بزدل جوابدارن مير پور ماٿيلو واسي صحافي نصرﷲ گڏاڻي مٿان قاتلاڻو حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪيو هو

 جيڪو هن وقت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي آغا خان اسپتال داخل آهي، پر افسوس هن وقت تائين نصرﷲ گڏاڻي مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گهوٽڪي پوليس گرفتار ناهي ڪيو جيڪا سراسر ناانصافي آهي، ان موقعي تي صحافي ظفرالله لغاري، عبدالوحيد اڙھوٽو ،شاهنواز رونجهو ، عمران يوسفزئي، عبدالرزاق مينگل، صيفﷲ مغل، شاهد قبراڻي ۽ ٻيا احتجاج ۾ پڻ موجود هئا، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري پوري سنڌ جي صحافين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

مَي 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو