دادو بي سيڪشن پولیس ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، موبائل فون جوابدار سميت هٿ

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو بي سيڪشن پولیس ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، موبائل فون جوابدار سميت هٿ ڪري ورتي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي گهربل جوابدار نجم ڪالوني جي رهواسي محمد علي پٽ محمد سومر خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو،

 پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کان هڪ عدد ويوو موبائيل فون نڪتو،گرفتار جوابدار کان جاچ ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون اسان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جي سرڪاري ڪوارٽر ۾ لڪائي رکي آهي، جوابدار جي  نشاندهي ڪرڻ تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جي سرڪاري ڪوارٽر تي ڇاپو هنيو ويو،

ڪوارٽر تي لڪايل موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون هٿ ڪئي وئي، جڏھن ته پوليس هٿ ڪيل موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون شڪايت ڪندڙ عرفان شيخ کان ڦر ڪئي وئي هئي، موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل مالڪ حوالي ڪئي وئي آهي ،مالڪن پوليس ڪارڪردگي تي ايس ايڇ او ۽ وڏي منڇي کي گلن ۽ نوٽن جا هار پارايا ويا آهن.

مَي 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو