اسان جي ڳوٺ محمد جمن منڱڻيجو کي ڪافي وقت کان ترقياتي ڪم نه مليا آهن: شھري
سوڀوديرو(رپورٽ: مير خان منڱڻيجو) ڪنيجھر منڱڻيجا برادري جو يوسي بالاسيٺارجا جي چيئرمين ڳوٺ محمد جمن منڱڻيجو جا رهواسي قمر دين منڱڻيجو صدردين منڱڻيجو قدم منڱڻيجو حق نواز منڱڻيجو ٻڊل منڱڻيجو راز علي منڱڻيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ محمد جمن منڱڻيجو جيڪو يوسي بالاسيٺارجا ۾ اچي ٿو جنهن کي ڪافي وقت کان ترقياتي ڪم نه مليا آهن
آخر ڇو ۽ ڇا لاءِ ھنن مظلوم انسانن جي ڳوٺ کي گذريل 3 سالن کان وٺي هن وقت تائين ھر سماجي ڪمن کان محروم رکيو ويو آهي.
مذڪوره يوسي چیئرمین بالاسيٺارجا ڪنهن به قسم جو اسان جي منڱڻيجا برادري کي ڪوبه رليف نه ڏئي اسان سان ماٽيجي ماء وارو ڪردار ادا ڪري اسانجي جائز سماجي انساني حقوقن کان محروم رکيو ويو آھي.
خبر آھي مذڪوره يوسي بالاسيٺارجا جي بجيٽ ڪٿي ۽ڪيئن خرچ پئي ٿئي.
مذڪوره ڳوٺ ڪافي سماجي جائز مسئلن جھڙوڪ واٽرن توڙي سڙڪن جون پليون. نيڪاسي سسٽم جو نه ھجڻ. فرشبندي. روشنيءَ لاءِ اسٽريٽ لائٽ جو نظام درست نه ھجڻ. پاڻي جي نلڪن سميت ٻين ڪيترن ئي سماجي مسئلن کان محروم رکي ھتان ڳوٺاڻن کان جيئڻ وارو حق به کسيو ويو آهي.
جيڪڏهن مذڪوره ڳوٺ کي اڃان به سماجي مسئلن کان پري رکيو ويو ته متاثرين يوسي چیئرمین خلاف روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪنداسين.
مَي 22, 2024