پوليو ۽ خسرو ۽ روبيلا مهم جي نگراني لاءِ موثر انتظامن جي ضرورت آهي: ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا چيو آهي ته سانگهڙ ضلعي جا ٻار اسان جي اولاد وانگر آهن انهن کي بيمارين کان بچائڻ اسان جو فرض آهي.  پوليو ۽ خسرو ۽ روبيلا مهم جي نگراني لاءِ موثر انتظامن جي ضرورت آهي

 ان مقصد لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي يو سي ايم اوز ۽ ايريا انچارج پنهنجو ڪم وڌيڪ بهتر ڪن.  اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ 3 جون کان 7 جون تائين جاري رهندڙ پوليو کان بچائو جي  مهم جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،

جنهن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پلان جوڙيو پيو وڃي.  ان موقعي تي ضلعي ايريڊيڪيشن پوليو ڪميٽي جا ميمبر يو سي ايم اوز ۽ ايريا انچارج پڻ موجود هئا.

مَي 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو