ڏوڪري جي کوکر پاڙي واسي زرعي زمين تي قبضو ڪندڙ خلاف احتجاج
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي کوکر پاڙي جي رهواسي ممتاز جونيجو زرعي زمين تي قبضو ڪندڙ خلاف پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو آهي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام مڙهڻندي چيو آهي ته تعلقي نصير آباد ديھ مرادي ۾ ساڍ اٺ جريب زرعي زمين آهي ان تي بااثرن نياز جوڻيجو هٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو آهي، زمين جي مالڪي لاءِ وڃان ٿو ته هٿيارن جي زور تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته قبضي ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.
مَي 21, 2024