ڏوڪري: مکين جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌ رئبڪ ڪائونسل پاران سيمينار منعقد ڪرايو ويو
ڏوڪري ( رپورٽر) 20 مئي مکين جي عالمي ڏهاڙي تي ڏوڪري ۾ لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر فيڪلٽي ۾ انٽامالاجي ۽ سنڌ رئبڪ ڪائونسل طرفان سيمينار ڪوٺايو ويو.سيمينار ۾ علائقي جي آبادگارن، ھارين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
انهي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر سلطان احمد ميتلو، پروفيسر ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو، پروفيسر عبدالحميد ميمڻ،ڊاڪٽر محمد ھارون ھليو،پروفيسر محمد علي سانگي،ڊاڪٽر عبدالحنان ٻرڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته باغن جي ڪٽائي، زرعي زمين مان وڻن جي ڪٽائي،ھائوسنگ اسڪيمون ھلائڻ، زرعي زمين ۾ ڀاڻن جي استعمال سان زراعت جي پيداوار ۽ ماحولياتي نقصان سان گڏ انسان دوست جيتن کي نقصان ٿي رهيو آهي.
ماهرن جو چوڻ هو ته ماکي جي مک توڙي جيت فصلن جهڙوڪ ميون، سبزين ۽ وڻن جي پيداوار ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن. زرعي ماهرن دنيا جي وڌندڙ آبادي کي خوراڪ پھچائڻ لاءِ فصلن ۽ زرعي زمين جي حفاظت ڪرڻي پوندي.زرعي ماهرن آبادگارن، ھارين ۽ نوجوان نسل کي آگاھ ڪندي چيو ته ماکي جي مک جي حفاظت لاءِ عملي ڪردار ادا ڪن.
ھنن پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو زرعي پاليسي ٺاهي وڃي ۽ زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل سسٽم کي جديد طريقي سان ترقي ڏني وڃي ۽ آبادگارن ۽ ھارين کي زرعي زمين تي بيٺل وڻن جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي جيئن انسان دوست جيتن کي بچائي سگهجي.
مَي 21, 2024