پيپلزپارٽي جو اڳواڻ عدنان خان انڙپاران بدرالدين ساريو سان تعزيت جو اظھار

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) پيپلزپارٽي جو اڳواڻ عدنان خان انڙ، ٽائون آفيسر ڏوڪري غلام مرتضيٰ جاگيراڻي، آفيس سپريڊنٽ فياض علي ڀان، رحمان علي ھيسباڻي، باڊھ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين بدرالدين ساريو وٽ پھچي ساڻس فرزند فھيم احمد ساريو جي وفات تي تعزيت جو اظھار ڪيو.

ان موقعي تي عدنان خان انڙ، غلام مرتضيٰ جاگيراڻي چيو تھ فھيم احمد ساريو بھترين ۽ انسان دوست ھئڻ سميت معاشري ۾ سندس جي مثبت سرگرمين ۾ پاڻ مڃايو ھو.

 جنھن جي ڪردار جي جيتري بھ واکاڻ ڪجي اوتري گھٽ آھي. اسان دعاگو آھيون تھ اللھ تبارڪ وتعليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳھھ عطا فرمائي ۽ سندس والدين سميت پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

مَي 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو