سکر: مغوي علي اصغر منگريو جي بازيابي لاءِ 231  هين ڏينهن لڳاتار رات ڏينهن احتجاج ھلندڙ

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) سکر پريس ڪلب اڳيان معصوم علي اصغر منگريو اغوا ٿيل جي بازيابي لاءِ 231  هين ڏينهن لڳاتار رات ڏينهن احتجاج جاري آهي.احتجاجي ڪئمپ تي موجود زاهد حسين منڱريو،اعظم منڱريو ،محمد علي ۽ احمد علي مڱريو جو چوڻ هو ته علي اصغر منڱريو کي 2015 ۾ سکر جي  ايوب گيٽ وٽان اغوا ڪيو ويو هو جيڪو اڄ تائين بازياب نه ٿيو آهي جڏھن ته اغوا بعد ڀنگ جي رقم گهرندڙ  نامينیت آھن، جن ۾ خالد منڱريو ،منظور منڱريو ،سعيد منڱريو ۽ جنيد منڱريو آھن. انهن جا نمبر اجينسي ٽريس ڪري ڏنا آھن.

 هاءِ ڪورٽ جي حُڪم سان هوم سيڪيٽري سنڌ GIT جوڙي هئي جن اڍائي سال انڪوائري ڪئي 50 ميٽنگِ ڪئي ان انڪواري ۾ سڀ جوابدار ڏوھي ٿيا آهن GIT هاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي ته علي اصغر اغوا ٿيل آهي جنهن کانپوء سنڌ حڪومت ٻGIT جوڙي  جيڪي علي اصغر کي بازياب ڪرائيندي.پر هن انڪوائري کي به ٻه سال ٿي چُڪا آهن ۽ مغوي علي اصغر کي 9 سال ٿي ويا آھن.

جي آء ٽي  ميمبر قرآن پاڪ تي هٿ  رکي چون ته علي اصغر اغوا ٿيل ناهي ۽ هي چار ئي جوابدار ناهن ته پوءِ مان پهنجو ڪيس الله جي عدالت حوالي ڪندس.سکر پريس ڪلب ٻاهران 231 ڏينهن لاڳيتو احتجاج جاري آھي پر ڪنهن به حڪومتي نمائندي اچڻ جي تڪليف ناهي ڪئي جڏهن ته پنو عاقل مان هڪ هفتو اڳ اغوا ٿي ويل معصوم محمد حسين آرائين به ستن ڏينهن کانپوء بازياب ٿي ويو مون غريب جو پٽ علي اصغر 9 سال گزرڻ باوجود بازياب ناهي ٿيو ۔

هنن سکر ۾ نئين مقرر ٿيل ڊي آء جي سکر سيد پير محمد شاھ ۽ ايس ايس پي سکر امجد علي شيخ کي اپيل ڪئي آھي ته علي اصغر مڱريو کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪرائي وڃي.علي اصغر جي بازياب ٿيڻ  تائين جاري ڪيل احتجاجي ڪيمپ جو نوٽيس ورتو وڃي۔

مَي 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو