سانگهڙ ضلعي جي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ منعقد

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ سانگهڙ ضلعي جي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي روم ۾ منعقد ڪيو ويو

جنهن ۾ ڪريانه مرچنٽ ، فلور ملرز ايسوسيئيشن، گوشت، مڇي ۽ سبزي فروشن  شرڪت ڪئي.  اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا چيو ته روزمره کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو  دڪاندار وڌيڪ اگهه وصول ڪندا ته ان خلاف سخت  قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

هر هڪ دڪاندار کي گهرجي ته ريٽ لسٽ نمايان جڳهه تي آويزان ڪن ته جيئن خريدار ريٽ لسٽ آساني سان چيڪ ڪري سگهي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن  کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي مارڪيٽن جو دورو ڪن ته جيئن سرڪاري پرائس لسٽ تي عمل ڪرائي سگهجي مقرر اگهن  کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن تي سخت ڏنڊ وڌو وڃي.

  ان موقعي تي ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪار، واپاري تنظيمن جا نمائندا ۽ بيورو سپلائي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي عبدالحفيظ يوسفزئي سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

مَي 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو