ڪراچي: قومپرست اڳواڻ قاسم چانڊيو جي 11هين ورسي ٿي گذريو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) ڪراچي ضلعي اوڀر جوهر ڪمپليڪس ۾ قومپرست اڳواڻ قاسم چانڊيو جي 11هين ورسي جي موقعي سندس تصوير اڳيا گل رکي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو تقريب ٿي گذريو.

 تقريب ۾ سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين حاجي عبدالملڪ خان چانڊيو. سماجي اڳواڻ شهيد قاسم چانڊيو جو ماسات صابر چانڊيو. سماجي اڳواڻ سائين برڪت شيخ. پ پ اڳواڻ حاڪم علي چانڊيو. سماجي اڳواڻ سعيد احمد ملڻ. شهيد قاسم چانڊيو جو فرزند صحافي منصور چانڊيو. رشيد دوست چانڊيو. شهزاد چانڊيو. مدثر چانڊيو. وڪيل چانڊيو. عظيم چانڊيو. مير خان چانڊيو. مبين چانڊيو ۽ پڻ شرڪت ڪندي محمد قاسم چانڊيو جي مغفرت لاء دعا ڪئي

 ان موقعي تي صابر چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته شھيد محمد قاسم چانڊيو ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇائن هيو اسين سندس هن ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا. وڌيڪ عبدالملڪ چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته شهيد محمد قاسم چانڊيو  ڪراچي  ۾ سنڌ جي حقن خاطر وڙهندي شهادت ماڻيو.

مَي 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو