ڪا خاص گهڻي ڊمانڊ ناهي، بس وفادار مڙس گهرجي: جنت مرزا

Spread the love

ڪراچي(شُوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا، ماڊل ۽ مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي ٿيندڙ همسفر ۾ صرف هڪ خوبي ڏسڻ جي خواهشمند آهي.

جنت مرزا تازو ئي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پرستارن طرفان پڇيل سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا.اداڪارا هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته مان في الحال سنگل آهيان،

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا ۾ هن جي پسنديدا جاءِ ناروي آهي.جنت مرزا موجب هو پنهنجي پاڻ ۾ رهڻ پسند ڪندي آهي، ۽ هو گهڻو ڪري سماجي لاڳاپا پسند ناهي ڪندي.

هڪ پرستار سوال ڪيو ته ”اوهان پنهنجي مڙس ۾ ڪهڙي خوبي ڏسڻ چاهين ٿي؟“هن سوال جي جواب ۾ جنت مرزا لکيو ته مان گهڻو ڊمانڊ نٿي ڪيان بس منهنجو همسفر وفادار هجڻ گهرجي.

مَي 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو