ٽِي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏني وئي
لاهور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽِي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. پاڪستان ميگا ايونٽ ۾ شرڪت واري واحد ٽيم آهي
جنهن هن محل تائين قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪيو. قومي ٽيم جي 15 رڪني اسڪواڊ ۽ ٽي ريزرو رانديگرن تي مشتمل ٽيم جو اعلان انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي بعد ڪيو ويندو.
ذريعن موجب انگلينڊ جو دورو ڪرڻ واري 18 رڪني ٽيم ۾ 3 رانديگر حسن علي، عرفان نيازي ۽ سلمان علي آغا ورلڊ اسڪواڊ جو حصو نه هوندا، کين ٽريول ريزروو طور اسڪواڊ ۾ رکيو ويندو.
مَي 19, 2024