هڪ جپسي ڪالم … ريل جو ويلاگ رائٽر …
حبيب ساجد
هن جو پٽ پنهنجي موبائل کي ليٽيل پوزيشن ۾ آڻي ريڪارڊنگ ڪري رهيو آهي ۽ اڳيان بابُو زاهد سومرو …پينٽ شرٽ پائي، سانوري چهري تي هڪ گوري مرڪَ سجائيندي ڳالهائڻ لڳي ٿو: “يوٽيوب چئنل ‘دنيا رنگ هزار’ مين… مين هون آپ ڪا هوسٽ اور ميزبان زاھد حسين سومرو ..مين آپ ڪو آج جس اسٽيشن ڪي سير ڪرواني آيا هون، وه لاڙڪانه اور دادو ريلوي لائين ڪا ايڪ اهم ريلوي اسٽيشن هي… ڦُلجي اسٽيشن، جو ڪه اصل مين “ڦُول جي” کي بگڙي شڪل هي” …. ۽ ان بعد وي لاگ جي موبائيل ڪئميرا اسٽيشن جا منظر ڏيکارڻ شروع ڪري ٿي .. پس منظر ۾ بابو زاهد سومري جي سنڌي لهجي واري اردو نئريشن هلڻ لڳي ٿي .. مون بابُو زاهد کان پڇيو هو ته سنڌي ٿي ڪري اردوءَ ۾ نئريشن ڏيڻ جو ڪو خاص سبب؟ … ته بابُوءَ مُرڪندي وراڻيو هو، “يار شروعاتي ڪجهه پروگرامَ مون سنڌيءَ ۾ ڪيا هئا پر سنڌيءَ ۾ يوٽيوب تي لائڪ جا ڪلڪس صفا گهٽ ملندا آهن .. اردوءَ جي ڪري منهنجو چئنل هن وقت هزارن جي تعداد ۾ سبسڪرائبرن سان ڀريل آهي.. هن جي ڳالھ به صحيح آهي، اسان وٽ هونءَ به هر سوشل پليٽفارم تي ڪنهن نه ڪنهن دوست جي يوٽيوب لنڪ اچي ٿي ۽ ان سان گڏ هڪ نوٽ به لکيل ملي ٿو…. “مهرباني ڪري منهنجي چئنل کي ضرور سبسڪرائب ڪجو ۽ ‘بيل’ جي گهنٽي به وڄائي ڇڏيندئو ته دعاڳو رهندس” … جڏهن کان يوٽيوب جو چئنل ٺاهي، سبسڪرائب ڪرڻ تي ڏوڪڙ ملڻ لڳا آهن، يوٽيوب چيئنلن جي هڪ ٻوڏ لهي پئي آهي. ڪي چئنل ته اهڙا به آهن، جن تي وڃڻ سان لڳندو آهي ڄڻ وقت جو زيان ڪري رهيا هجون پر ڪي چئنل واقعي به اهڙا آهن، جن تي وڃي ان ٽيم جي محنت تي پيار اچي وڃي ٿو.
بابُو زاهد سومري جي چئنل جي خاص ڳالھ اها آهي جو هُو جيئن ته ريلوي سان لاڳاپيل رهيو آهي، هن جي ڪريڊٽ تي 30 سال اسٽيشن ماسٽري جي نوڪري رهي آهي ۽ سندس نالي سان پهريون شاعريءَ جو ڪتاب به ‘بابُو زاهد سومرو’ جي نالي سان ڇپيو هو، جيڪو مون کي ان وقت هن موڪليو هو، جڏهن هُو پڊعيدن اسٽيشن تي نوڪري ڪندو هو ۽ ريلن کي اسٽيشن تان پاس ۽ ڪراس ڪرائڻ بعد فارغ وقت ويلي ردم ۾ ڳائي ڳائي غزلَ جوڙيندو هو .. پهرين نظر ۾ ڏسڻ سان صفا دئوس ۽ رُوڊ لڳڻ واري زاهد سان جڏهن گهرائپ وارو دئور شروع ٿيو ته مون کي زاهد جي ڪري هن جي ڳوٺ پڊعيدن سان به ڄڻ ته پيار ٿي پيو هو. پڊ معنا ماڳ يا هنڌ ۽ عيدن نالي سان ڪا راڄپر هستي هئي، جنهن جي نالي پٺيان ان ماڳ جو نالو پڊعيدن پئجي ويو. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ هن شهر ۽ ان جي ريلوي اسٽيشن جو اوج هوندو هو. پڊعيدن تان مين لائين جون ٽرينون ڪراچيءَ ۽ پنجاب ته هلنديون ئي هيون پر پڊعيدن کان نوابشاه ۽ محراب پور واريون برانچ لائين ٽرينون به ڪمال جي سواري هونديون هيون. ريلوي جا ڊرائيور ۽ عملو اوسي پاسي جي ڳوٺ ۽ شهر واسين سان ايترو ته رِلي مِلي ويو هو، جو هر ڳوٺ ۾ ريل جي ڊرائيور ۽ گارڊ لاءِ اتان جا رهواسي ماني ۽ لسي کڻي بيٺا هوندا هئا. ريلوائي عملو به انهن سان سان ايترو ته رِلجي مِلجي ويو هو، جو ڳوٺ جي پٽڙيءَ تي ڪو ڳوٺاڻو ٽرين کي لاريءَ وانگي هٿ ڏيندو هو ته ٽرين بيهجي ويندي هئي، ڊرائيور انجڻ مان هيٺ لهي هن سان ڀاڪرين پئجي ويندو هو. ڊرائيور ۽ هن جي اسسٽنٽ لاءِ ماني لسي ڏئي اهو ڳوٺاڻو پنهنجي گاهه جي ڀَري انجڻ جي مهڙ واري پڃري ۾ رکي اندر انجڻ ڪيب ۾ ڊرائيور سان ويهي رهندو هو. پوءِ ڪنڊيارو يا ٺارو شاه تائين ڪچهريون به هلنديون هيون ته ڳالھ ڳالھ تي کِل، هُوڪرا ۽ تاڙا به پيا ملندا هئا. اها برانچ لائين ايتري ته شاهوڪار هوندي هئي ۽ اتان سڄي سنڌ جي شهرن جي لاءِ ايتري ته جامَ ڀاڄي چڙهندي هئي، جو انهن وقتن ۾ جڏهن هڪ گارڊ جي پگهار هزار ٻارنهن سئو مهينو مسَ هوندي هئي، مگر ٽرين ورڪنگ ۾ پندرنهن سئو رپيا ته هن جو رڳو آف دي ڊيوٽي يعني پگهار کان الڳ حصو ٺهندو هو. اسان جا پراڻا ۽ سينئر گارڊ ان برانچ لائينن جا وڏا قصا ٻڌائيندا هئا. اهي ٻڌائيندا هئا ته اهي برانچ لائينون سون جي کاڻين جيان قيمتي هونديون هيون. هڪ ننڍڙي اسٽيشن جي مهيني جي ڪمائي انهن وقتن ۾ به لکين رپيا هوندي هئي، جن وقتن ۾ هڪ آنڪيءَ مان پورو گهر ڍئو ڪري ماني کائيندو هو. بدنصيبي اها ٿي، جو نواز شريف جي دئور ۾ انهيءَ لائين جو سمورو لوهه وڪجي لاهور پهچايو ويو هو ۽ حڪمرانن جي فئڪٽرين ۾ استعمال ٿي ويو هو. اسان جو باُبو زاهد سومرو انهيءَ گولڊن دئور جو شاهد ريلوائي ملازم آهي. 30 سالن تائين ريلوي جيڪو ڪجهه به هن کي تجربن، حادثن ۽ خوشين جي صورت ۾ دان ڪيو، هُو هاڻ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي يوٽيوب چينل “دنيا رنگ هزار” ذريعي واپس عوام ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي .
اسان ڏٺو آهي ته بابُو زاهد جو ذڪر اچي ۽ ٽنڊي آدم جي “راجه رام” شخصيت سائين گل حسن لاکي جو ذڪر نه اچي ته اهو قصو ڄڻ ته سدائين نامڪمل ئي رهندو. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن گلُ ڇوڪري هجي ها ته ڀڄي ڪري به زاهد سان لائون لهي ها ۽ ايئن ئي جيڪڏهن هي اسان جو زاهد، زاهدان ٿي ڄمي ها ته ٽي سئو ڪلوميٽرن جو فاصلو سسئيءَ وانگر پنڌ ئي پنڌ طئي ڪري گلَ سان ملڻ آدم جي ٽنڊي وڃي پهچي ها ۽ پوءِ هر رات وڃي ها …
اهڙا ئي آهين، سڄڻَ منهنجا سپرين!
