چوٽيارين: سانگهڙ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب منعقد
چوٽيارين (رپورٽ: علي گل منڱريو) سانگهڙ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي پريس ڪلب سانگھڙ جي اڱڻ ۾ منعقد ٿيل شاندار تقريب ۾ مھمان خاص ايم پي اي غلام دستگير راڄڙ، پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي نويد ڏيرو، پريس ڪلب سانگهڙ جي سرپرست اعلي ڪاشف نظاماڻي ،اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي، اعجاز علي زرداري،اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ شفيق احمد آريسر، عمران ڌامراهه، فيڊريشن آف ڪامرس جي حاجي يا مين قريشي ،اسماعیل درس علي حسن نظاماڻي ،
انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي صدر ڄام غلام قادر انڙIHRO جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو ڊويزنل صدر سيد مشتاق علي شاھ ايڇ آر جي ڊي او جي ضلعي صدر غفار نظاماڻي پريس ڪلب حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ظفر ھڪڙو، پريس ڪلب نوابشاھ جي اڳوڻي صدر ذوالفقار خاصخيلي، پريس ڪلب ميرپورخاص جي صدر نذير پنھور،
صحافي اتحاد ضلعي سانگهڙ جي سينئر نائب صدر اختر ماري جنرل سيڪريٽري خدا ڏنو ڪاڇائي ڪنڊياري پريس ڪلب جي صدر عقيل احمد وساڻ عباس سان حاجي اسحاق کوسو دلدار خاصخيلي اظھر خاصخيلي غلام قادر ملوکاڻي ابراهيم ڳاهو واحد بخش شر سميت ميرپورخاص سانگهڙ چوٽياريون شھدادپور کڏڙو سنجهورو پيرومل کپرو ڪنڊياري ورڪشاپ جهول ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن جي پريس ڪلبن سان تعلق رکندڙ ورڪنگ جرنلسٽس شرڪت ڪئي تقريب دوران پريس ڪلب سانگهڙ جي اڳڻ کي خوبصورت رنگ برنگي لائيٽن سان خوب سجايو ويو هو
تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن بعد سانگهڙ پريس ڪلب جي سرپرست اعلي’ ڪاشف نظاماڻي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر انجم آفتاب نظاماڻي جنرل سيڪريٽري غلام مرتظا منگي سميت تمام چونڊيل باڊي جي عهديدارن کي حلف کڻايو ان کان بعد ۾ آيل معزز مهمانن پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو تقريب کي خطاب ڪندي معززين جو چوڻ هو ته صحافين سدائين حق سچ جي صحافت ڪئي پريس ڪلب اھو ادارو آهي جتي ھر مظلوم ماڻھو پنھنجي دانھن کڻي اچي ٿو صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا سان سچو ٿي بيھي ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا
تقريب کي سانگهڙ مان چونڊيل ايم پي اي غلام دستگير راڄڙ، پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي نويد ڏيرو، پريس ڪلب سانگهڙ جي سرپرست اعلي ڪاشف نظاماڻي ،اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي، اعجاز علي زرداري،اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ شفيق احمد آريسر، عمران ڌامراهه، فيڊريشن آف ڪامرس جي حاجي يا مين قريشي ،اسماعیل درس علي حسن نظاماڻي ،
پريس ڪلب حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ظفر ھڪڙو، پريس ڪلب نوابشاه جي اڳوڻي صدر ذوالفقار خاصخيلي، پريس ڪلب ميرپورخاص جي صدر نذير پنھور، پريس ڪلب سانگهڙ جي نئين چونڊيل صدر انجم آفتاب نظاماڻي ،جنرل سيڪريٽري مرتضي منگي ۽ ٻين خطاب ڪيو ھنن وڌيڪ چيو صحافت عبادت جي برابر آهي بھترين ۽ بھادر صحافي اھو آھي جيڪو بنا ڪنهن فرق ۽ دٻاءُ جي مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي، غريب مسڪين ماڻهن جا مسئلا جڏهن ڪٿي به حل نه ٿا ٿين اھي پريس ڪلب تي پھچن ٿا،
سانگهڙ جا صحافي جس لھڻن جيڪي سدائين غريب مسڪين بي پھچ ماڻهن جا ڀرجھلا ٿي بيٺا آهن پريس ڪلب سانگهڙ جي نون چونڊيل عھديدارن کي مبارڪ باد پيش ڪيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته اھي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا سان سچا رھندا تقريب جي آخر ۾ تمام مهمانن لاء شاندار ڊنر جو اهتمام ڪيل هو
انهيء موقعي تي پريس ڪلب جي اڱڻ کي تمام بهترين نموني رنگ برنگي لائٽن سان سينگاريو ويو هو تقريب جي اختتام بعد محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي جنهن دوران صوفي فنڪار وقار حسين ملاح پنهنجي بهترين آواز ۽ انداز ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن جا ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.
مَي 18, 2024