نوابشاھ : جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو
نوابشاھ (بيورو رپورٽ) جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نوابشاھ جي صحافين نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي اڳواڻن اڪرم چانڊيو اسماعيل ڊومڪي منظور سومرو حبيب الله ابڙو آصف البشر عبدالفتاح رند ، فدا حسين رند ۽ ڪئميرا مين اڳواڻ شعبان خاصخيلي مشرف ڀٽي اعظم ڀٽي دائود شاھ عبيد الله قربان خاصخيلي وحيد کوسو ۽
چيو ته 9 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود مک قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آهن جنهن جي اسان سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻئي صورت م احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
مَي 18, 2024