منهنجو ڏاج منهنجي مڙس وٽ آهي ۽ مان حمل سان آهيان مونکي خرچ ۽ ڏاج ڏياريو وڃي: زيبا وگھيو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو بار جي ميمبر ليڊي ايڊووڪيٽ زيبا وگھيو پنهنجي مڙس ايڇ ايس ٽي ماسٽر خالد ڏاهري کي دادو جي فيملي ڪورٽ ۾ وڪيل رئوف ميمڻ معرفت نوٽيس ڏياريو آهي ته جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته منهنجو 20 لک روپين جو ڏاج منهنجي مڙس وٽ آهي ۽ مان حمل سان آهيان مونکي خرچ ۽ ڏاج ڏياريو وڃي، عدالت پاران ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي

 عدالت ايڇ ايس ٽي ماسٽر خالد ڏاهري کي  27 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي، ياد رهي ته عورت وڪيل زيبا وگھيو ۽ خالد ڏاهري 5 مھينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، خالد ڏاهري جي پهرين شادي ٿيل آهي

 جنھن مان کيس نوجوان اولاد پڻ آهي ٻي شادي ڪرڻ تي سندس زال اولاد ۽ ويجها عزيز ناراض ٿي ويا، جنهن سبب خالد ڏاهري ٻي شادي عورت وڪيل سان ڪئي ان کي خلاع ڏني آهي پر سندس زال زيبا وگهيو جو چوڻ آهي ته مان حمل سان آهيان مون کي شرعي طور مڙس طلاق نه ٿو ڏئي سگهي جيستائين مان ٻار کي جنم ڏيان.

مَي 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو