ملير:   منشيات جي وڪري خلاف اسڪول جي شاگردن، استادن، سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

ملير( ڊ ر ) ملير ۾ منشيات جي وڪري خلاف سپر هاءِ وي دنبا ڳوٺ ۾ اسڪول جي شاگردن استادن سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي  جنھن جي اڳواڻي  چاند ميرپالاري رياض پالاري فياض پالاري نبي بخش پالاري ڪري رھيا  ريلي اسڪول ٿيندي  کان مين بازار دنبه ڳوٺ  تائين ڪڍي وئي

ريلي ۾   شاگردن جي ھٿن  بينر ۽ پمفليٽ ھئا جيڪي منشيات بند ڪريون اسان جي تعليم بچايو  منشيات فروشن جي خلاف ڪاروائي ڪريو   جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا ريلي ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گڏاپ دنبا ڳوٺ ميمڻ درساڻو ڇنو شاھ لطيف شيدي ڳوٺ ڪاٺوڙ اولڊ ٿاڻو ڪونڪر گڏاپ سٽي ابراهيم حيدري ريڙهي ڳوٺ سميت ملير  ۾ آئيس گٽڪو مائو هيروئن چرس سميت هر قسم جي منشيات عام واهپي جي شين وانگر وڪرو ٿي رهي آهي

 احتجاج ڪندڙ منشيات ملير جي اسڪولن ڪاليجن ۾ عام ٿي وئي آهي منشيات نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آهي انھن  ايس ايس پي ملير آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته دنبه ڳوٺ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي نوجوان نسل بچايوىوڃي.

مَي 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو