سکر:  پوليس مغوي حسين آرائين کي بازياب نه ڪرائي سگهي، وارث پريشان

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) پنو عاقل مان گهر ۾ ڌاڙي دوران 4 ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ سکر پوليس گهر مان اغوا ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي حسين آرائين کي بازياب نه ڪرائي سگهي.

سنڌ جي وڏي وزير جو نوٽيس به بي سود ثابت ٿيو، ٻارڙي جي سوگوار ماءُ گهري ڏک ۾ آهي ۽ ٻار جي واپسي جو انتظار ڪري رهي آهي. ٻارڙي جي بازيابي لاءِ مرڪزي تنظيم آرائين پاران سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائي وئي،

ٻارڙي جي بازيابي تائين احتجاج جاري رهندو. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. سکر جي پنوعاقل واري علائقي ۾ اڪرام آرائين جي گهر ۾ 4 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن اغوا جو منفرد واقعو پيش ڪري گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦر لٽ ڪندي 7 ورهين جي ٻارڙي محمد حسين کي اغوا ڪري ويا هئا.

حڪومت ۽ پوليس جي سمورين دعوائن باوجود ٻارڙي جي بازيابي نه ٿي سگهي آهي ۽ ٻارڙي جي ماءُ غم ۾ ٻڏي وئي آهي. ٻارڙي جي بازيابي لاءِ مرڪزي تنظيم آرائين پاران سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائي وئي،

جنهن ۾ آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هندو پنچائت جي مڪي ايشور لال،سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر امداد بوزدار، ٽرانسپورٽرز جي مير عبدالرحمان مينگل، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائستا کوسو ۽ ٻين تنظيمن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به بک هڙتال ڪيمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو

ان موقعي تي مقررين چيو ته ٻهراڙين ۾ چورن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي ۽ امن امان جي بگڙيل صورتحال پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. اهڙي ريت اغوا جو هي پهريون واقعو آهي،

جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ قومي شاهراهن تي ڦرون ۽ اغوا جون وارداتون ٿينديون هيون،

پر هاڻي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ نه آهن، گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڦرون به ڪيون پيون وڃن، معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري ڦر ڪيو وڃي ٿو، حڪومت پاڪستان ۽سنڌ  حڪومت جي نااهلي تي  وڏو سواليه نشان آھي آخر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڇو نه ٿئي ڇا ڏوهاري حڪومت کان ڏاڍا ٿي ويا آھن

سنڌ جي وڏي وزير جي نوٽيس کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين ٻارڙي کي بازياب نه ڪري سگهي آهي. هنن وڏي وزير، گورنر، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ٻارڙي جي بازيابي لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کنيا وڃن، جيستائين ٻارڙي جي بازيابي نه ٿيندي تيستائين علامتي بک هڙتال جاري رهندي.

مَي 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو