سيوھڻ: ڪڻڪ سستي ماني مھانگي، ھوٽل وارن جي من ماني، حضرت قلندر شھباز رح جي پانڌيئڙن کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ لڳا

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ مھانگائي عروج تي  ڪڻڪ سستي ماني مھانگي، سيوھڻ ۾ ھوٽلن وارن جي من ماني حضرت قلندر شھباز رح جي پانڌيئڙن کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ لڳا،تفصيل موجب سيوھڻ ۾ مھانگائي عروج تي پھچي وئي 

سيوھڻ تعلقي جي انتظاميہ کائڻ ۽ پيئڻ جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام نظر اچي رھي آھي، سيوھڻ شھر ۾ ڪڻڪ جو ريٽ گھٽ ھئڻ جي باوجود به ھوٽلن وارن اڃان تائين ماني جو اگھ گھٽ نه ڪيو، جڏھن ته مرغي فروشن مرغي جو اگھ پڻ گھٽ ڪري 530 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رھيا آھن،

پر ھوٽل وارن مرغي ڪڙھائي جو اگھ اڃان تائين گھٽ نه ڪيو، جڏھن ته تعلقه انتظاميه سيوھڻ اگھور ننڊ ۾ ستل آھي،    سيوھڻ ۾ مھانگائي  عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي، سيوھڻ جي سڄاڻ ڌرين ضلع انتظاميه ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آھي، تہ سيوھڻ ۾ ھوٽلن وارا جيڪي  عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽي رھيا آھن،

ماني ۽ نانن جو اگھ ۽ مرغي ڪڙھائي جو اگھ گھٽ نه ڪري رھيا آھن، انھن جي خلاف قانوني قدم کڻي، ماني نانن ۽ مرغي ڪڙھائي جو اگھ گھٽ ڪرايو وڃي، سيوھڻ جي عوام ۽ لعل سائين جي پانڌيئڙن کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي.

مَي 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو