ڪراچي: شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر يونيورسٽي پاران “شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت جو ويزن” جي عنوان سان ڪانفرنس منعقد

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو)  شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر يونيورسٽي ڪراچي پاران “شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت جو ويزن” جي عنوان سان چائينيز آڊيٽوريم ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو، يونيورسٽيز ۽ بورڊز جو صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، جسٽس رٽائرڊ حسن فيروز، پروفيسر ڊاڪٽر شائسته تبصم، سلمان عبدالله مراد، ڊاڪٽر شير مهراڻي سميت شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينٽر نثار احمد کهڙو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي ۽ رهندي شهيد بينظير ڀٽو جي مفاهمتي پاليسي ئي ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي مفاهمتي پاليسي ملڪي  استحڪام ۽ ترقي جو روڊ ميپ آهي جنهن تي هلڻ سان ئي ترقي ڪري سگهجي ٿي

۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمتي پاليسي جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي مرد حر صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو عملي ثبوت پيش ڪري ڇڏيو آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي.يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي

 هن ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي، يونيورسٽين جي وزير شهيد بينظير ڀٽو چيئر کي سندس زندگيءَ ۽ جمهوري جدوجهد تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ کين سهڪار جو يقين ڏياريو.ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يونيورسٽين جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته امتحانن دوران ڪاپي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ ملوث عملي کي به معطل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته رات جو اوچتو امتحاني مرڪز تبديل ڪيا ويا، جنهن تي والدين شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي اسان فوري ايڪشن ورتو ۽ امتحاني مرڪز تبديل ڪرڻ جا حڪم واپس ڏنا.ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين والدين تعليم جي بهتري لاءِ اسان سان سهڪار نه ڪندا تيستائين ڪجهه به نه ڪري سگهنداسين.محمد علي ملڪاڻي چيو ته مون کي هن کاتي جو قلمدان سنڀالي صرف هڪ مهينو ٿيو آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن،

اميد آهي ته ايندڙ سال تائين ان ۾ واضح بهتري ايندي. امتحانن کانپوءِ درپيش سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جنهن سان بورڊ جي امتحانن ۾ مثبت تبديلي ايندي.

ميڊيا جي پڇيل سوال جي جواب ۾ محمد علي ملڪاڻي چيو ته 550 جي لڳ ڀڳ امتحاني مرڪزن جو انتظام تمام وڏي ذميواري آهي، اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

مَي 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو