نواب شاھ : سيپا شھيد بينظيرآباد جي ٽيم پاران تعلقي دوڙ ۾ آر او پلانٽس جو دورو
نواب شاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند)سيپا شھيد بينظيرآباد جي ٽيم پاران تعلقي دوڙ ۾ آر او پلانٽس جو دورو ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري صوبائي وزير دوست محمد راهمون،
سيڪريٽري ماحوليات، نبيلا عمر، ڊائريڪٽر جنرل اداره تحفظ ماحوليات نعيم احمد مغل جي ھدايتن تي سيپا شهيد بينظير آباد جي ريجنل انچارج ڊاڪٽر گل امير سنبل پنهنجي ٽيم ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن سان گڏجي يوسي بڇيري جي آر او پلانٽس جو دورو ڪري پيئڻ جي پاڻي جا نمونا وٺي جاچ لاءِ ليبارٽري موڪليا
ان موقعي تي ريجنل انچارج سيپا ڊاڪٽر گل امير سنبل چيو ته ڊائريڪٽر جنرل جي ھدايتن تي فلٽر پلانٽس جو دورو ڪري پيئڻ جي پاڻي جي معيار کي جانچيو پيو وڃي جڏھن ته ٻين علائقن مان پڻ پيئڻ جي پاڻي جي فلٽر آر او پلانٽس مان پاڻي جا نمونا ورتا پيا وڃن، جن کي ليبارٽري ذريعي چيڪ ڪيو ويندو.
مَي 17, 2024