پيپلز پارٽي ھميشـ بيروزگار نوجوانن کي روزگار فراھم ڪيو آھي تـ جيئن انھن جي گھر جي چلھھ ٻري سگھي: سيد طارق علي شاھ
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) بلاول ڀٽو زرداري ايم پي اي نادر خان مگسي ۽ ايم اين اي عامر مگسي جي مطالبي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي پڙھيل نوجوانن کي روزگار فراھم ڪرڻ لاء تعليم کاتي جي اختيارين کي ايندڙ بجيٽ ۾ 2600 نان ٽينچنگ جون پوسٽون يقيني بڻائڻ لاء ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن پ پ اڳواڻ طارق علي شاھ جون ڪراچي اوڀر پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھيون
خبرموجب بلاول ڀٽو زرداري ايم پي اي نادر خان مگسي ۽ ايم اين اي عامر خان مگسي جي مطالبي تي بيروزگار پڙھيل نوجوانن کي نوڪريون فراھم ڪرڻ لاء تعليم کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ اندر ايندڙ ڀجيٽ ۾ 2600 نان ٽيچنگ جون پوسٽون يقيني بڻائڻ لاء تعليم کاتي جي اختيارين کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن
اھڙو اظھار پ پ اڳواڻ سيد طارق علي شاھ ڪراچي اوڀر پريس ڪلب ۾ صحافين ڳالھائيندي ڪيون پ پ اڳواڻ سيد طارق علي شاھ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ پيپلز پارٽي ھميشـ بيروزگار نوجوانن کي روزگار فراھم ڪيو آھي تـ جيئن انھن جي گھر جي چلھ ٻري سگھي
ھن چيو تـ پ پ ايم پي اي نادر خان مگسي ۽ ايم اين اي عامر خان مگسي ذاتي طور تي ڪوششون وٺي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آھي جن ھميشـ عوام جي خدمت ڪرڻ واري سياست تي يقين رکيو آھي.
مَي 16, 2024