پيارو ڊسٽري بيوٽري ۽ نيو دادو شگر مل کي پڪو نه ڪرڻ خلاف پيارو،ڦلجي اسٽيشن جي آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) پيارو ڊسٽري بيوٽري ۽ نيو دادو شگر مل کي پڪو نه ڪرڻ خلاف پيارو،ڦلجي اسٽيشن جي آبادگارن جو دادو پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ايريگيشن سيڪريٽري خلاف سخت نعري بازي ڪئي، آبادگارن غلام حسين هنڱورو، اقبال چارڻ، قربان جمالي، مولا بخش هنڱورو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيو ته گذريل ڪيترين سالن کان پيارو ڊسٽري بيوٽري ۽ نيو شگر مل کي پڪو نه ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون،

 دادو ايريگيشن انجنيئر ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري ويو آهي پر ضلعي جي وڏي شاخ کي پڪو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، 2019 ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ان وقت ۾ سنڌ حڪومت کي ليٽر لکي حڪم ڏنو هيو ته فوري طور پيارو ڊسٽري بيوٽري کي پڪو ڪيو وڃي

 هن مهل تائين شاخ پڪي ٿي نه سگهي آهي جنهن سبب پيارو،ڦلجي، رڪڻ، پاٽ شريف،سيتا وليج سميت آس پاس جي علائقن جا هزارين آبادگار سخت پريشان آهيون لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيندي پئي وڃي جنهن سبب اسان خودڪشي ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهيون، آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پر دادو ايريگيشن انجنيئر سندس عملو ۽ سيڪريٽري ايريگيشن لاپرواهي جي انتها ڪري ڇڏي آهي،

مظاهرين صدر پاڪستان آصف علي زرداري،پيپلز پارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌ جي وڏي ۾ وڏي پيارو ڊسٽري بيوٽري ۽ نيو شگر مل شاخ کي پڪو ڪري هزارين آبادگارن کي  خودڪشي ڪرڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان آبادگار دادو انڊس هاءِ ويز تي احتجاج ڪنداسين.

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو