سڪرنڊ:  پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي پاران نوڪرين جي بحاليءَ لاءِ مسلسل احتجاج جاري

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راجڪمار اوڏ) پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي پاران نوڪرين جي بحاليءَ لاءِ مسلسل 385 ڏينهن به احتجاج جاري. پي سي جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي.

 ام موقعي تي ملازمن امين ڪيريو نصرالله چاچڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان سڄي زندگي هن اداري جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي، پر اسان کي ريگيولر ڪرڻ بدران زبردستي برطرف ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسان کي مفلوج ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اداري جي دروازي تي پنهنجي جان ڏئي ڇڏينداسين

 پر پنهنجي حق کان پوئتي نه هٽنداسين، هنن چيو ته هي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو احتجاج بڻجي چڪو آهي.  پر هن وقت تائين پي سي بي ۽ نيشنل فوڊ ايڊمنسٽريشن واري وزارت خاموش آهي جڏهن ته ڪابينا پاران پي سي بي لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي به وزارت جي عملدارن پاران غير قانوني قرار ڏنو ويو، جنهن سان پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪپهه ريسرچ انسٽيٽيوٽ تباهه ٿي رهي آهي،

پر ڪو به عمل نه ڪيو ويو. هنن وزير اعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪندي چيو ته ملازمن کي نوڪرين جا آرڊر ڏئي انهن جي ٻچن کي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي.

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو