سڪرنڊ : سول سوسائٽي ۽ مرڪزي تنظيم آرائيان پاران  احتجاجي مظاھرو

Spread the love

سڪرنڊ  (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) پنون عاقل مان اغوا ٿيل معصوم ٻار حسنين آرائين جي بازيابي ۽ سڪرنڊ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مرڪزي تنظيم آرائيان پاڪستان سڪرنڊ ۽ سول سوسائٽي پاران  قاضي سرفراز اڳيان معصوم ٻارن سان گڏ احتجاجي مظاھرو

 ڪري سخت  نعريبازي ڪندي معصوم ٻارڙي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن اشتياق احمد آرائين، عبدالحميد آرائين، رضا محمد چانڊيو، علي شير انڙ، ايوب کوسو، سيد احسان شاھ، شمشاد ملاح، عورت اڳواڻ شميم، شوڪت ميمڻ، ڪرم الله انڙ، سانول ڪيريو  ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته سنڌ اندر قانون جي رٽ مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي انڌير نگري چرپٽ راجا وارو ماحول نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ ھٿ سان حالتون خراب ڪيون پيون وڃن پوليس ۽ ڌاڙيل ٻٽ بڻيل آھن

 سنڌ سميت سڪرنڊ ۾  اغوا ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن. سنڌ کي هٿ سان بدامني جي طرف ڌڪيو پيو وڃي. ڄاڻي واڻي اغوا ۽ ڦرن جا واقعا ڪرايا پيا وڃن ته جيئن هتان جا ڪاروباري ماڻهو سنڌ خالي ڪري لڏ پلاڻ شروع ڪن. ادارا نه ٿا چاهين ته سنڌ ۾ ماڻهو ڪاروبار ڪن. ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏني ويئي آهي. سڪرنڊ ۾ پوليس چورن کي ٻڌڻ بجاءِ عام شهرين کي گرفتار ڪري سندن کان زبردستي اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي آهي.

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو