سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن  آفس ۾ هلندڙ مختلف کاتن خلاف انڪوائري بابت اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) اينٽي ڪرپشن  سانگهڙ آفس ۾ هلندڙ مختلف کاتن خلاف انڪوائري بابت ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ( اي سي سي ٿري ) جو اجلاس سندس آفس ۾ ٿي گذريو

جنهن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ سميت الزام هيٺ آيل کاتن جي سربراهن شرڪت ڪئي. سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن سانگهڙ منظور احمد ميمڻ پاران ڪاميٽي اڳيان ڪيس پيش ڪيا پيش ڪيل ڪل 19 ڪيسن مان 9 ڪيس درخواست گذار جي هٿ کڻڻ،

ثابتيون نه ملڻ ۽ ڪجه درخواست گزار جو وفات سبب ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ 10 ڪيس وڌيڪ جانچ لاء منظور ڪيا ويا. اجلاسن کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته بد عنواني ۾ ملوث ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو. گڏجاڻي  ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو