دادو: پيپلز پارٽي پي ايس 82 ايم پي اي جي جنم ڏينهن جي خوشي ۾ پارٽي، ڪيڪ ڪاٽيو ويو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 82 ايم پي اي دادو بئريسٽر پيرمجيب الحق جي جنم ڏينهن جي خوشي ۾ پارٽي ورڪر پيرهائوس دادو پهچي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ هڪ ٻئي کي ڪيڪ کارايو، پير ھائوس تي اسلم چهواڻ، پير رشيد علي،ڪامريڊ نظير احمد قمبراڻي، سڪندر علي سومرو، طاهر حسين لغاري ۽ ٻين چيو ته دادو جي عوام جو محسن اڳواڻ عوام جي دلين تي راج ڪندڙ نوجوان بئريسٽر پيرمجيب الحق ايم پي اي دادو غريبن جي همدرد دوست کي
جنم ڏينھن جون لک لک واڌايون هجن، زندگي جي سفر ۾ پير مجيب الحق جهڙا ماڻهو قسمت سان ملندا آهن اهڙي پياري جو ساٿ ائين رهيو آهي جئين گلن جو ساٿ خوشبو سان هوندو آهي اسان وٽ اهڙا لفظ نه آھن جنهن سان توهان جهڙي انمول پياري کي لفظن ۾ توري سگهون.
مَي 16, 2024