چوٽياريون: مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول ٽنڊومٺاخان ۾ امتحان جي رزلٽ انائونس جي تقريب منعقد
چوٽياريون (رپوٽ: علي گل منڱريو) مخدوم امين فهيم گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽنڊومٺاخان ۾ سالياني امتحان 2024 جي رزلٽ انائونس جي تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب دوران هرڪلاس ۾ پهرين ٻين ۽ ٽي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي
جنهن بعد مختلف شاگردن نعتون پڙھيون ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو.مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.جنهن کان بعد ۾ سال 2024 جي سالياني امتحانن ۾ پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا.
ان کان بعد ۾ آيل معزز مهمانن انساني حقوق جي تنظيم انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو سروري جماعت جي چيف خليفي سيد نور محمد شاھ استاد سلطان شر استاد سيد موز علي شاھ هيڊ ماستر سجاد چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو مقررين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مخدوم امين فهيم گورنمنٽ پرائمري اسڪول تعليم جي ميدان ۾ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي.
هن اسڪول جي استادن جي محنت به زبردست آهي.شاگردن ۾ به ڪافي ٽيلينٽ نظراچي رهيو آهي. هتي شاگردن جي قابليت ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪنهن به وڏي شھر جي شاگردن کان گهٽ ناهن تقريب جي ڪمپيئرنگ نامياري ڪمپيئر استاد سيد عاشق علي شاھ ڪئي. تقريب جي آخر ۾ سڀني مهمانن ۽ شاگردن لاء اسڪول انتظاميه طرفان ماني جو بندوبست پڻ ڪيل هو.
تقريب ۾ خصوصي مهمانن سروري جماعت جي چيف خليفي سيد نور محمد شاھ انساني حقوق جي تنظيم انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو تعلقي سانگهڙ جي نائب صدر علي گل مڱريو سينئر صحافي حيات خاصخيلي وائيس چيئرمين ٽنڊومٺاخان ٽائون ڪاميٽي محرم علي راڄڙ سيد الهورايو شاھ استاد علي خان ڪيريو استاد سيد حسين شاھ سيد ميھن شاھ لڪياري استاد سلطان شر استاد ٻاروچو راڄڙ استاد عرس ڪيريو سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي شخصيت ٽنڊومٺاخان جي معزز شھرين استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
مَي 16, 2024