والد جي ملڪيت مان حصو ڏياري انصاف جون گھرجون پوريون ڪيون وڃن: محمد آچر سامٽيو

Spread the love

سوڀوديرو ( رپورٽ : ميرخان منڱڻيجو) پيء جي فوت ٿيڻ بعد منھنجا  ڀائر اسان جي جان جا ويري ٿي ويا آهن. ھو اسان کي رستي تان هٽائي  ابي ڏاڏي واري ملڪيت مان حصي موجب ملندڙ زمين ۽ ٻئي مالي ملڪيت گهر جي جڳھ پڻ ڦٻائڻ چاھين ٿا.

اسانکي جاني مالي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. اھڙي دانھن سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ڪوڙل سان تعلق رکندڙ متاثر رھواسين محمد آچرسامٽيو.پنجل سامٽيو. مجاھد سامٽيو. اياز سامٽيو ۽ ٻين معصوم ٻار ساڻ ڪري قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻي محمد آچر سامٽيو دانھيندي چيو ته منھنجو پيء مرحوم مدد علي سامٽيو جيڪو پنج سال اڳ فوت ٿي ويو آھي اسان ڀاڻ ۾ چار ڀائر آھيون اسان جي پيء جي ۽ اسان ڀائرن جي خريد ڪيل جملي 42 ٻائيتاليھ جريب زمين۔ٽريڪٽر۔ٽريڪٽر جا ھر۔ڪيڻ ٽرالي سميت پوري جوٽ آھي ۽ ٽي پڪا گھر ۽ پندرھن لک ڪيش ڪيترائي ڍور چوپايو مال آھي۔

ان سموري ملڪيت مان مون کي ڪنهن به قسم جو وارثي ملڪيت جو حصو پتي ناھي ڏنو. اسان پاران پنھنجو جائز قانوني حصي پتي وارو حق گھرون ٿا ته ھو مڇرجي ڪري ھٿرادو ڪوڙا ڊراما وغيره ڪري مون تي ۽ منهنجي خاندان تي ناجائز ڪوڙيون فريادون سوڀوديرو ٿاڻي تي ڪري مونکي حراسان ڪن ٿا ته جئين مان سندن جي دٻاءُ ۾ ايندي ڊڄي ڪري مان کين کان حصو پتي گهرڻ کان چپ ٿي وڃان. ۔

جڏھن ته مان انهن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر آھيان مون کي ڀائرن پاران پنهنجين گھروارين جي چوڻ تي مونکي پنهنجي پيءُ جي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آھي

مون کي ست صغير ننڍڙا معصوم ٻچا آھن. مان پنهنجن ڀائرن ڏي ڪيترائي دفعا قرآن پاڪ کڻي ويو آھيان ته پيء جي ملڪيت مان مون کي حق موجب پنھنجو حصو ڏيو ته انھن گذريل سال پنج جريب زمين ڏني ۽ اھو واعدوپڻ ڪيو ته تون فلحال ڪڻڪ ڪاھ ان بعد باقي زمين ۽ ٻئي ملڪيت ورھائينداسون.

ھاڻي مذڪوره ڀائر محمد مٺل سامٽيو ۔شاھ نواز سامٽيو. ۔مشتاق سامٽيو لالچ ۾ اچي مون کي ملڪيت مان حصو ڏيڻ بجاء منھنجي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي مونکي مارڻ جي ارادي سان مون مٿان قاتلانو حملو ڪيو ۽ منھنجن ننڍن معصوم ٻچڙن کي ڌڪ ھنيا ان بعد گھر ۾ پيل سونا زيور۔روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر لٽ ڪئي.

مان خوف سبب ڀڄي وڃي ٻين عزيزن جي گھر ۾ پناھ ورتي ڌڪ لڳڻ سبب منھنجي ھٿ جون آڱريون ڀڄي پيون آھن ۽ ڏنڊو لڳڻ سبب مٿو ڦاٽي پيو آھي۔مذڪوره ڀائرن پاران ڏنل پنج زمين تي به قبضو ڪيو آھي سوڀوديرو پوليس جوابدارن خلاف ڪوبه قانوني قدم کئڻ لاءِ تيار نه آهي ۔

ڀائر مٺل۔شاھنواز۔مشتاق سامٽيو جان جا دشمن بڻجي چڪا آھن جيڪي مون کي ڪنهن به وقت قتل ڪري سگھن ٿا.متاثر ڳوٺاڻي محمد آچر سامٽيو پاران چيف جسٽس آف پاڪستان. وزير اعظم پاڪستان. وزير اعلي سنڌ. صوبائي گھرو وزير سنڌ. آء جي سنڌ۔ ڊي آء جي سکر. ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا ھن قرآن پاڪ جي صدقي منهنجي ھن جائز فرياد تي خصوصي نظرثاني ڪري سخت ايڪشن وٺي مون مسڪين کي جاني مالي قانوني تحفظ ڏياري۽ پنهنجي پيء جي ملڪيت مان ملندڙ جائز حق موجب حصو ڏياري انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون وڃن.

مَي 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو