دادو: سرڪاري فرنيچر مان 850 ڊيسڪون ٺيڪيدار ۽ لاڳاپيل ڪمپني پاران ھڙپ ڪرڻ جو انڪشاف
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو سنڌ سرڪار پاران هڪ سال اڳ دادو ضلعي لاءِ موڪليل فرنيچر مان 850 ڊيسڪون ٺيڪيدار ۽ ڪمپني ڳڙڪائي وڃڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد استاد روڊن تي نڪري آيا.پ ٽ الف دادو ٽائون جي سڏ تي عنايت علي جمالي، شاهنواز ڪوريجو، محمد وسيم کوکر، صابر ڏاوڇ ۽ ٻين استادن احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو.
استاد مظاھرين چيو ته فرنيچر جي کوٽ سبب دادو شهر جي اسڪولن ۾ به سوين ٻارڙا هيٺ پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، بااثر ڪامورا، ٺيڪيدار ۽ ڪمپني ملي ڀڳت ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ آيل اسڪولن جي فرنيچر مان 850 ڊيسڪون ڳڙڪائي ويا آهن، اسڪولن کي فرنيچر نه مليو ته پ ٽ الف پاران پوري ضلعي دادو ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو، هنن
وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاه، سيڪريٽري تعليم ۽ وس وارا معاملي جو نوٽيس وٺي سرڪاري اسڪولن جو فرنيچر فوري طور مهيا ڪري ڏنو وڃي.
مَي 13, 2024