ڪراچي: ايس يو پي جو اجلاس مرڪزي صدر جلال شاه بخاري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪراچيءَ جو اجلاس مرڪزي صدر جلال شاه بخاري جي صدارت ھيٺ محمود آباد ۾ ٿي گذريو.اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ 18 تاريخ تي چويھن ڪلاڪن جي بک ھڙتال جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس جي ڪارروائي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڄام آڪاش ديدڙ ھلائي.
تفصيل موجب سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪراچيءَ جو اجلاس سياف مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ جلال شاه بخاري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو, اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سياف طرفان ھلندڙ شاگرد يونين بحالي تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 18 تاريخ تي چوويهه ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي مرڪزي صدر جلال شاه بخاري چيو ته سياف طرفان شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ ھلائي رھيا آھيون.پھرين مرحلي ۾ بک ھڙتالن جو سلسلو ڪشمور کان شروع ڪيو آھي جنھن جو اختتام ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 18 تاريخ تي چوويهه ڪلاڪن جي بک هڙتال سان ٿيندو.
ھن چيو ته شاگرد يونين بحالي تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعليمي درسگاهن ۾ بک هڙتالون ڪيون آھن ۽ جلد ئي ٻئين مرحلي جو اعلان پڻ ڪنداسين.
اجلاس ۾ سياف ڪراچيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن واجد کچي، نجف جوڻيجو، احمد بخش ابڙو، عمر فاروق چنڙ، ظھير عباس ميمڻ، ذولفقار علي لغاري، واجد مينگل، مير عالم درس، جنيد ديدڙ، عرض محمد لھر، شرڪت ڪئي.
مَي 13, 2024