ٺٽو: يوسي جھمپير جي ڪوھستاني زمينن تان قبضن، والار جو سلسلو رُڪجي نھ سگھيو

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) يوسي جھمپير جي ڪوھستاني زمينن تان قبضن توڙي والارن وارو سلسلو گھٽجي نہ سگھيو، وڌيڪ زمينون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف متاثر ماڻھن جون دانھون، انصاف جو مطالبو.

 ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير جي ڪوھستاني مڪان ٺوريڪو جي ڳوٺ ڌڻي بخش جاکرو بچاڻي جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين مينھن وسايو جاکرو ۽ سندس ڀاء حاجي جاکرو دانھيندي چيو آھي تہ سندن ڳوٺ ۾ 5 آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاء لڳل آھي،

جن تي اسان فقير محمد جاکرو، سندس پٽ عظيم جاکرو ۽ رسول بخش جاکرو کي چوڪيدار ۽ مشين آپريٽر ڪري رکيو ھو، جن جي ھتي ڪابہ زمين ناھي، جن اسان کي بڌائڻ بجاء ڳوٺ جي زمين توڙي جنھن ۾ آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاء لڳل آھن،

 اھا زمين پنھنجي ملڪيت ڄاڻائي بلڊر مافيا سان وڪرو ڪري ڇڏي اھي، جنھن جي خبر کين زمين جي ماپ ڪرڻ لاء آيل روينيو کاتي جي عملي پاران ملي آھي، ھنن چيو تہ اھا زمين نہ ھنن وڪرو ڪئي اھي ۽ نہ ئي ان زمين تي ٻئي ڪنھن ڌر جو حق اھي، اسان اھا زمين ھرگز وڪرو ڪونہ ڪنداسين، اھا زمين سندن ڳوٺ توڙي ان ۾ لڳل آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاء لاء مخصوص ٿيل آھي.

جنھن ۾ سندن مال جا چراھگاھ بہ شامل آھن،  ھنن وس وارن کان گھر ڪئي تہ آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاء تي مقرر ڪيل چوڪيدارن ھٿان فراڊ ذريعي وڪرو ڪيل سندن زمين تان قبضو خالي ڪرائي اھا زمين سندن حوالي ڪري سندن ذاتي ملڪيت وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

مَي 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو